جيڪب آباد (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جو واٽر سپلاءِ جي پراڻي ايراضي تي قبضي جي شڪايت تي اوچتو دورو، ميونسپل عملدارن کي زمين جي ايراضي بابت رڪارڊ سميت 8 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم، نئين فلٽر پلانٽ مان شهرين کي گندو پاڻي فراهم ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار، صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت خبر موجب جيڪب آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ شهري غلام حسين شاهه پنهنجي وڪيل محمد نواز رند معرفت درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ويو ته نئون فلٽر پلانٽ جوڙڻ کانپوءِ پراڻي واٽر سپلاءِ جي ڪيترن ايڪڙن تي پيل زمين تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن معاملي جو نوٽيس وٺي قبضو ختم ڪرائي اتي فيملي پارڪ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي، سيشن جج اهڙي شڪايت تي اوچتو پراڻي واٽر سپلاءِ جي خالي پيل زمين جو معائنو ڪرڻ لاءِ پهتو ان موقعي تي سي ايم او پڻ موجود هو سيشن جج پاران چيف ميونسپل آفيسر، مختيارڪار جيڪب آباد سميت لاڳاپيل عملدارن کي پراڻي واٽر سپلاءِ جي خالي پيل زمين جي ايراضي بابت رڪارڊ سميت 8 مئي تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي جڏهن ته سيشن جج نئين فلٽر پلانٽ تي پهچي پڻ معائنو ڪيو فلٽر پلانٽ ۾ گندو پاڻي هئڻ تي سيشن جج ميونسپل انتظاميا تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته شهرين کي گندو پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي جيڪو پيئڻ جي لائق به ناهي هڪ مهيني جو مهلت ڏيان ٿو فلٽر پلانٽ مان شهرين کي صاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي.