جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ھندو نينگر سان اجتماعي بدفعلي الزام هيٺ آيل هڪ جوابدار گرفتار، متاثر نينگر ٿاڻي اندر جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي، جوابدار پاران ڏوھه جو اعتراف، پوليس جوابدار جا جزا ڊي اين اي لاءِ ورتا ويا، ان ڏس ۾ جيڪب آباد جي غريب آباد پاڙي واسي 14 ورهين جي نينگر سيج سنگهه سان اجتماعي بدفعلي ۾ ملوث هڪ جوابدار سُڌير عرف ٽڪري بروهي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، جوڙيل جي آءِ ٽي جي سربراهه ڊي ايس پي سٽي امان الله سڌايو سول لائن ٿاڻي ۾ ايس ايچ او سول لائن نوردين سنجراڻي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نينگر سان بدفعلي ۾ ملوث جوابدار کي چنا محلا ڦاٽڪ وٽان گرفتار ڪيو ويو آهي پريس ڪانفرنس دوران ٿاڻي اندر متاثر نينگر سيج سنگهه جوابدار جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جوابدار به پڻ ڏوهه جو اعتراف ڪيو آهي، پوليس گرفتار جوابدار کي ڊي اين اي جزا وٺڻ لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جوابدار جي رت سميت ٻيا نمونا پڻ ورتا ويا آهن. سول لائن پوليس ٻڌايو ته جوابدار جا ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ جزا ورتا ويا آهن متاثر نينگر جي ورتل جزن سميت نمونا لمس ڄامشورو ليبارٽري اماڻيا ويندا جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري ظاهر ٿيڻ کانپوءِ اڄ سول ڪورٽ ۾ پيش ڪري وڌيڪ جاچ لاءِ ريمانڊ ورتو ويندو ڪيس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.واضح رهي ته 10 آڪٽوبر تي هندو نينگر سيج سنگهه کي اجتماعي بدفعلي جو نشانو بڻايو ويو جنهن واقعي جو سول لائن ٿاڻي تي ٽن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيل آهي