ڪراچي (اسٽاف پورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان اغوا ڄاڻائي  لاهور ۾ پسند جي شادي ڪندڙ  شاگردياڻي جي مڙس هجڻ جي دعويدار ظھير جون ٻئي درخواستون منظور ڪندي درخواست گذار ۽ پراسيڪيوٽر جنرل کي 27 آڪٽوبر لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، جسٽس صلاح الدين پنهور  جي سنگل بينچ ۾  شاگردياڻي سان وارثن جي ملاقات ۽ بيان قلم بند ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجن ريمارڪس ۾ چيو ته شاگردياڻي جي پنهنجن گهروارن سان ملاقات ٿي وئي، جنھن تي ظهير جي وڪيل چيو ته گهروارن سان 5 ڪلاڪ ملاقات ٿي، اسان چاهيون ٿا ته شاگردياڻي  جي پنهنجي مڙس ظهير سان به ملاقات ٿئي، عدالت شاگردياڻي جو بيان طلبي ورتو ته شاگردياڻي   مستقبل جي حوالي سان ڇا ٿي چاهي؟