جھول (ن پ ا) جهول ۾ هڪ ڏينهن اسڪول نه اچڻ تي ٻارڙي عروج فاطما ابو پوٽو کي استاد پاران مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ جو سنڌ حڪومت نوٽيس ورتو، جنهن بعد اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رجسٽريشن نوابشاهه ريجن اشفاق منگي ۽ مانيٽرنگ آفيسر جھول طالب حسين مگسي سچل اڪيڊمي پهچي اسٽاف ۽ تشدد جو نشانو بڻيل نينگري جي والد جا بيان رڪارڊ ڪيا، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر چيو ته ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪيا آهن، رپورٽ مٿي اختيارين کي اماڻي ويندي، نينگري سان انصاف ٿيندو، هن چيو ته ڪنهن کي به مارڪٽ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.