جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي عدالت ۾ اٽي جي  بحران ۽ مهانگائي خلاف درخواست داخل، ڊي سي، ايس ايس پي، ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر، ڊسٽرڪٽ پرائس ڪنٽرولر کي ڌر ڄاڻايو ويو، عدالت 10 جنوري تي لاڳاپيل عملدارن کي طلب ڪري ورتو، ان ڏس ۾ اٽي جي ھٿرادو بحران ۽ مهانگائي خلاف شهري محمد نواز رند پنهنجي وڪيل اعظم عارباڻي معرفت ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي درخواست ۾ شهري موقف اختيار ڪيو ته شهر ۾ اٽي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪيو ويو شهري ماني ڳڀي لاءِ پريشان آهن لاڳاپيل عملي جي ملي ڀڳت سان ڪڻڪ ۽ اٽو جيڪب آباد رستي ڪوئيٽا ۽ افغانستان اسمگلنگ ٿي رهيو آهي جنهن سبب شهر ۾ اٽي جو سخت بحران پيدا ٿيو، عدالت شهري جو درخواست ٻڌڻ جوڳو قرار ڏئي لاڳاپيل عملي کي 10 جنوري تي طلب ڪري ورتو آهي.