مٽياري (رپورٽر) خوراڪ کاتي پاران لڳايل اٽي جي اسٽال تي عوام جي پيهه وڌي وئي، 10 ڪلو وارو اٽي جو ٿيلهو 650 رپين ۾ وٺڻ لاءِ عوام وڏي تعداد ۾ پهچي ويو، ماڻهن پاران اٽي سان ڀريل گاڏي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته گاڏي ڊرائيور ٿاڻي ۾ ڪاهي وڃي پناهه ورتي، عوام ٿاڻي ۾ به ڪاهي پيو، پوليس زبردستي عوام کي ٿاڻي کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد ڪيترائي شهري سستو اٽو وٺڻ لاءِ سخت پريشان رهيا ۽ ڪافي تعداد ۾ ماڻهو بنا اٽو وٺڻ جي موٽي ويا. هوڏانهن  ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد مظفر اٽي جي قيمت 75 روپيا مقرر ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد جواد موجب سنڌ حڪومت پاران اٽي چڪي کي ملندڙ ڪوٽا مطابق اٽي جي قيمت 75 روپيا آهي، اسٽنٽ ڪمشنرز وڌيڪ اگهه وڌندڙن خلاف فوري طور تي ڪريڪ ڊائون شروع ڪن. هن چيو ته مهانگو اٽو وڪرو ڪندڙن خلاف پرائيس ڪنٽرول ايڪٽ تحت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، خوراڪ کاتي پاران رعايتي اٽي جي تيز فراهمي پڻ يقيني بڻائي وڃي، ٻئي پاسي ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر چيو آهي ته ضلعي ۾ هر هنڌ سستي اگهه تي اٽو ڏيڻ لاءِ اسٽال لڳايا ويا آهن، پر عوام ساٿ ڏئي، ته کين لازمي سستو اٽو فراهم ڪيو ويندو.