جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد سول اسپتال 12 ڏينهن کان بنا ايم ايس جي هلڻ لڳي. ڊاڪٽر انيس الرحمٰن سنجراڻي ڊاڪٽرن جي کوٽ ۽ روز روز ڊاڪٽرن جي بدلي کان تنگ ٿي ڊي ايچ او جيڪب آباد کي 26 ڊسمبر تي ليٽر لکي ايم ايس جي چارج ڇڏي ڏني هئي، ايم ايس ليٽر ۾ ڄاڻايو هو ته ڊاڪٽرز جي کوٽ ۽ ويتر روز روز ڊاڪٽرن جي بدلين سبب اسپتال هلائڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، ايمرجنسي ۽ ٻيا شعبا نه ٿو هلائي سگهان، ميڊيڪوليگل جا سمورا ڪيس پيل آهن، ڊاڪٽرن پاران ميڊيڪوليگل ۽ ايمرجنسي ۾ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿا.12 ڏينهن اڳ ايم ايس پاران چارج ڇڏڻ باوجود اڃا تائين ڪو به ايم ايس مقرر نه ٿي سگهيو، اسپتال جو وهنوار سخت متاثر ٿيو آهي.