ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ويجهو ڳوٺ بوديوال واسي 48 سالن جي ڪانجي پٽ شامون ميگهواڙ جو جمڙائو ڪينال مان جلال موري وٽان ڦاٿل لاش هٿ آيو آھي، جنهن جو اطلاع ڳوٺاڻن ڪوٽ غلام محمد پوليس کي ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش جمڙائو ڪينال مان ڪڍرائي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، پوليس موجب فوتي ڪانجي ميگهواڙ گذريل رات کان گهران نڪتل هو، جنهن جو اڄ جمڙائو ڪينال مان لاش مليو آھي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.