لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن پرائمري ريجن سالن کان وٺي ڊيوٽين تان غيرحاضر رهندڙ لاڙڪاڻي ضلعي جي پرائمري 7 ميل ۽ فيميل استادن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو گلشير سومرو طرفان تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه ۽ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري جي حڪم تي گوسڙو استادن ۽ ملازمن خلاف ڪاروائي بابت ڏنل هدايتن تي سالن کان وٺي ڊيوٽين تان غيرحاضر رهندڙ لاڙڪاڻي ضلعي جي 7 پرائمري استادن کي مانيٽرنگ اينڊ ايويليوشن جي سفارش تي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ 2 فيميل ۽ 5 ميل پرائمري اسڪول ٽيچر  حبيبان، نوشين امبر، غلام قادر، نظير احمد، عطاءُالله، ارشاد علي ۽ توصيف احمد شامل آهن. ان احوالي سان ڊائريڪٽر اسڪولس ايجوڪيشن پرائمري ريجن لاڙڪاڻو گلشير سومرو ٻڌايو ته لاڙڪاڻي ضلعي جي 7 پرائمري اسڪول ٽيچرن کي نوڪرين تان برطرف ڪيو ويو آهي جيڪي سالن کان وٺي ڊيوٽين تان غير حاضر هئڻ جي باوجود سالن کان وٺي پگهارون ۽ مراعتون وٺي رهيا هئا جن کي مانيٽرنگ اينڊ ايويوليشن جي سفارش تي کي برطرف ڪيو ويو آهي.