جيڪب آباد (رپورٽر) ڊسٽرڪٽ جيل جي قيدي عبدالجبار ڪٽوهر تي تشدد ڪري ڄنگهه ڀڃڻ واري واقعي ۾ ملوث  ست اهلڪارن عبدارزاق ملغاڻي، سڪندر مهر، ذوالفقار مورو، رستم ٻرڙو ۽ ذوالفقار جتوئي سميت ٻيا جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن نه ئي پوليس ڪيس ۾ 10 اڻڄاتل جوابدارن کي ظاهر ڪري سگهي آهي. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او صدر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته عدالتي حڪم بعد ڪيس داخل ڪيو آهي، جاچ مڪمل ڪري ڪيس جو چالان عدالت ۾ جمع ڪرائبو. واضح رهي ته ڊسٽرڪٽ جيل ۾ پوليس اهلڪارن عيد خرچي اوڳاڙي دوران قيدين تي تشدد ڪيو هو، هڪ قيدي عبدالجبار ڪٽوهر جو ڄنگهه ڀڃي پئي. قيدي جي چاچي ڌڱاڻ خان جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت اهلڪارن تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو.