ميرپور ماٿيلو (ن پ ا) ھڪ مھينو اڳ عدالت کان واپس ايندي رستي ۾ قتل  ٿي ويل قربان علي ڪورائيءَ جي ڪيس جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف مقتول جي بيواهه مسمات بشيران، ربنواز ڪورائي، مھربان، عرفان ڪورائي ميرپورماٿيلو پھچي  ايس ايس پي گھوٽڪيءَ جي آفيس آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس رشوت وٺي کين گرفتار نه پئي ڪري. جوابدار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. ھنن ايس ايس پي گهوٽڪيءَ کان مطالبو ڪيو ته مقتول نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي.