ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي احتساب عدالت هائوسنگ اسڪيم جي نالي ۾ فراڊ جي الزام هيٺ آيل بلڊر  حاجي آدم جوکيو ۽ متاثرن کي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪري 4 جون تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان موقعي تي متاثرين وڏي تعداد ۾ عدالت پهچي انصاف لاءِ دانهيو، جنهن تي حاجي آدم جوکئي جي وڪيل چيو ته اسان متاثرن کي متبادل پلاٽ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي عدالت حاجي آدم جوکيو ۽ متاثرن کي گڏجي ويهي ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي 4 جون تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ياد رهي ته بلڊر حاجي آدم جوکيو مٿان الزام آهي ته هن 25 سال اڳ پلاٽن جي بڪنگ ڪئي پر الاٽيز کي پلاٽ نه ڏنا. نيب موجب حاجي آدم الاٽيز سان 3 ارب رپين جو فراڊ ڪيو.