جوهي (ن پ ا)  جوهي ۾ ڇنڊڻ موري واري پتڻ وٽ ڀاڙو وڌيڪ وٺڻ تي ٻيڙي وارن ۽ مسافرن جي وچ ۾ چڪريون احتجاجن ٻيڙي وارن  ٻن ڪلاڪن تائين ٻيڙيون بيهاري ڇڏيون مسافر ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رهيا، امتياز لنڊ ۽ ٻين ٻڌايو ته ڇنڊڻ موري وٽ ڀاڙو وڌيڪ وٺڻ تي ماڻھن ۽ ٻيڙي وارن جي وچ ۾ منهن ماري ٿي احتجاجن ٻيڙي وارن ٻن ڪلاڪن تائين ٻيڙيون بيهاري ڇڏيون معصوم ٻارڙا، عورتون نٽھڻ اس تي ٻن ڪلاڪن تائين انتظار ڪندا رهيا. جوهي پوليس پهچي ٻيڙي وارن جو احتجاج ختم ڪرائي ٻيڙيون هلرايون، ٻيڙي وارن ڀاڙو گهٽ وٺڻ بدران ٻيڻو ڀاڙو وٺي ماڻھن کي جوهي پهچايو.