ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي ضلعي جي ڪچي وارن علائقن جي رھواسي ٻوڏ متاثرن سنڌ سرڪار توڙي ضلعي انتظاميا ٺٽو پاران احتجاجي مظاهرو ڪري راشن، مڇردانين سميت سموريون سھولتون ڏيارڻ جي گھر ڪئي وئي. ان ڏس ۾ فقير ڳوٺ ڀرسان بچاءَ بند تي ڪيترن ئي ڏينھن کان بي يارو مددگار کليل آسمان ھيٺ رھائش پذير سنڌوءَ جي ٻيلي ٻائوپورنداس جي ڳوٺ محمد علي ملاح جي رھواسي ٻوڏ متاثرن محمد علي ملاح، رحيمڏنو، خداڏنو، الھڏنو، مٺو، حسين، عيسن، ڌڻي ڏنو، ٻانھو، نواز، شفيع محمد، جڙيل ملاح جي اڳواڻي ۾ بچاء بند تي تنبو، راشن، مڇرانيون نہ ملڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي. هنن چيو ته سندن سمورو ڳوٺ سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويو آھي، رڳو جانيون بچائي بچاءَ بند تي اچي پناھ ورتي آھي، جتي کليل آسمان ھيٺ ٻچن سان گڏ رھائش پذير آھن، پر اڃان تائين کين تنبو، راشن، مڇردانين سميت ڪوبہ رليف توڙي امداد ملي ناھي سگھي، هنن چيو تہ ڪجھ ڏينھن اڳ رحيمڏنو ملاح جي ٻن مينھن، ھڪ ٻڪري ۽ ھڪ ڇيلي کي زھريلي نانگ ڏنگي ماري ڇڏيو. جڏهن ته سندن ڪا به پوئيواري ناهي ڪئي وئي جنهنڪري هو انتهائي ڏکين حالتن منهن ڏيڻ تي مجبور بآهن. ھنن گھر ڪئي تہ کين تنبو، راشن، مڇرانين سميت گھربل بنيادي سھولتون مھيا ڪري سندن بيمار ماڻھن جو علاج ڪري کين پريشاني کان بچايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.