ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان اغوا ڄاڻائي پنجاب ۾ پرڻو ڪندڙ شاگردياڻي واري ڪيس ۾ گرفتار نڪاح پڙهائيندڙ مولوي غلام مصطفيٰ ۽ شاھد اصغر علي جي ضمانت بابت فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ڪالهه ڄاڻايل جوابدارن پاران ضمانت لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ڌرين دوران عدالت پڇيو ته جن ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي آهي، اهي ڪٿي آهن؟ جنهن تي جوابدارن جي وڪيل چيو ته شاگردياڻي لاهور ۾ شادي ڪئي هئي، هن عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو آهي ته مون کي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، مون پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، انهي دوران سرڪاري وڪيل مداخلت ڪندي چيو ته ٻالڪپڻ  ۾ شادي سنگين ڏوهه آهي، جوابدارن کي ضمانت ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ جنهن تي عدالت پڇيو ته جيڪڏهن اهو سنگين ڏوهه آهي ته پوءِ ان ۾ نڪاح پڙهائيندڙ ۽ شاهد جو ڪو تعلق آهي؟ ان موقعي تي جوابدارن جي وڪيل چيو ته پنجاب ۾ انهي ڏوهه جي سزا ڇهه مهينا ۽ سنڌ ۾ ٻه کان ٽي سال آهي. جوابدارن جي وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته اها شادي سنڌ چائلڊ ميرج ريسٽرين ايڪٽ جي خلاف ورزي ته ٿي سگهي ٿي پر سنگين ڏوهه ناهي. ان موقعي تي عدالت پڇيو ته شاگردياڻي جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڪنهن وڌي ته سنڌ ۾ شادي ڪئي ته مسئلو ٿي ويندو؟ عدالت پڇيو ته ڇا شاگردياڻي کي پنجاب ۾ وڃي شادي ڪرڻ جي صلاح وڪيلن ڏني هئي؟ عدالت وڌيڪ چيو ته اهڙي قسم جا واقعا حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ملتان ۾ به ٿي رهيا آهن، اهو الميو آهي ته ملتان سڀني کان اڳتي آهي، ان موقعي تي ڪيس جي فريادي مهدي ڪاظمي جي وڪيل جبران ناصر عدالت کي ٻڌايو ته شاگردياڻي کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ ساڻس شادي ڪئي وئيم جيڪڏهن  شاگردياڻي جي عمر 16 سالن کان گهٽ آهي ته ان جي بيان جي ڪا به اهميت ناهي،