جوهي (ن پ ا) جوهي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن دوران 2 روزيدار بيهوش ٿي ويا. ان ڏس ۾ جوهي شهر ۾ 20 ڏينهن کان ٻٻر پاڙي، ڦلجي روڊ سميت سڙيل 4 ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيڻ سبب شهرين نٽهڻ اس ۾ سيپڪو آفيس اندر خادم ٻٻر، احمد نواز، محمد شريف، رضا محمد ٻٻر، عطامحمد ٻٻر، نظام ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نٽهڻ اس ۾ مظاهرو ڪري آفيس جي گيٽ اڳيان ڌرڻو هنيو، سخت گرمي ۾ ڌرڻي دوران 2 روزيدار عبدالحليم ٻٻر ۽ بشير ٻٻر بيهوش ٿي ويا. شهرين جي احتجاج سبب سيپڪو عملو آفيس ڇڏي کسڪي ويو. احتجاج ڪندڙ شهرين الزام هڻندي چيو ته سيپڪو جي ڪرپٽ عملي سبب اسان جي زندگي زهر ٿي وئي، 20 ڏينهن کان ڦلجي روڊ سميت ٻٻر پاڙي جو ٽرانسفارمر سڙيل آهي، سيپڪو عملو 20 هزار خرچي وٺڻ باوجود ٽرانسفارمر تبديل نٿو ڪري، جنهن ڪري سخت گرمي ۾ بجلي بند هجڻ ڪري روزيدارن سميت اسان جا ٻچا تڙپن پيا. هنن الزام هنيو ته 20 ورهين کان جوهي ۾ مقرر سيپڪو عملي بجلي چوري ۽ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڪروڙن جي بنگلن جا مالڪ بڻجي ويا آهن. هنن نيب سميت جاچ ڪندڙ ادارن کان گهر ڪئي ته سيپڪو جوهي جي عملي جي اثاثن جي جاچ ڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻي طرف سيپڪو جوهي جي ايس ڊي او نديم جوکيو آفيس پهچي احتجاج ڪندڙ شهرين کي ٽرانسفارمر تبديل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد شهرين چيو ته جيڪڏهن ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيو اڄ عورتن سميت سيپڪو جي ڏاڍاين خلاف احتجاج ڪنداسين.