ڊگهڙي(ن پ ا)ڊگھڙي ڀرسان ديهه۔181 ۾ تعمير ٿيندڙ واٽرڪورس تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ هڪ ڌر جا 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمي جيب الرحمان آرائين، محمد شفيق آرائين ۽ دانش آرائين کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي پهچايو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراهم ڪئي. جڏهن ته زخمي مجيب الرحمان ۽ دانش آرائين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪاري واٽرڪورس تعمير ٿي رهيو هو جنهن تي اسان جي زرعي زمين آهي اسين اتي موجود هئاسين ته عبدالباري ابڙينگ، عبدالهادي ابڙينگ، شعيب ابڙينگ ۽ ٻين هٿيارن سان حملو ڪري ڏنو ۽ فائرنگ ڪري اسان کي زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. ڄاڻايل واٽرڪورس تي حملو ڪندڙ ڌرين چاهيو ٿي ته واٽرڪورس اسانجي زرعي زمين مان تعمير ٿئي جنهن تي اسانکي اعتراض هو ۽ راڄ جي چڱن وچ ۾“ پئي واٽرڪورس تعمير جي حد مقرر ڪئي هئي ان باوجود اسان تي حملو ڪيو ويو پوليس پاران زخمين کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪيا ويا آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.