جوهي (ن پ ا) جوهي واسڻ عورت ڪراچي ۾ مبينا قتل ٿي وئي آهي. ان ڏس ۾ جوهي جي ڳوٺ فضل لنڊ واسي 30 ورهين جي عورت مسمات زاهدان لنڊ پراسرار نموني قتل ٿي وئي آهي، جنهن جي وارثن ناڪا چونڪ تي ٽائر ساڙي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي ناري جي والد امير بخش لنڊ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ بکر شھيد واسي غلام شبير لنڊ چار سال اڳ منهنجي نياڻي کي زبردستي کڻي وڃي ڪراچي ۾ شادي ڪئي ھڪ نياڻي جو پڻ اولاد ٿيو ڪجھ عرصي اندر غلام شبير لنڊ نياڻي کي طلاق ڏئي ڇڏيو، هڪ سال اڳ نياڻي زاهدان جي مون ڳوٺ پوٺو لنڊ واسي بخشل لنڊ سان شادي ڪرائي، هن وڌيڪ الزام هڻندي چيو ته ڏھ ڏينهن اڳ نياڻي جو اڳوڻو مڙس غلام شبير لنڊ سندس ڀائرن جوهي شھر مان منهنجي نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري ڪراچي ۾ قتل ڪري روڊ حادثي جو رنگ ڏنو. غلام شبير لنڊ ايڌي ايمبولنس ذريعي لاش جوهي اسپتال پهچايو، هن چيو ته جوهي پوليس جوابدارن خلاف ايف آء آر داخل ڪرڻ لاء تيار نه آھي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو،  ٻئي طرف ايس ايڇ او جوهي شوڪت لنڊ جو چوڻ آھي قتل ٿيل ناري زاهدان لنڊ جي وارثن اغوا جو هڪ هفتو اڳ جوهي ٿاڻي تي زباني اطلاع ڏنو هو.  وارثن طرفان اغوا جو ڪيس داخل نه ڪرايو ويو، ناري زاهده لنڊ اڳوڻي مڙس سان رابطي ۾ ھجڻ ڪري واپس ان سان هلي وئي ۽ هاڻي عورت جي پيءُ جوهي ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڪيو ته غلام شبير لنڊ منهنجي نياڻي کي قتل ڪيو آهي. پوسٽ مارٽم کانپوء ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وارثن جي فرياد تي جوابدارن خلاف ايف آء آر داخل ڪري سندس خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي، ٻئي پاسي مقتولا زاهدا لنڊ جي مڙس بخشل لنڊ پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي پهرين گهر واري جي وفات کانپوء زاهدان لنڊ سان شادي ڪئي، زاهدان پهرين مڙس مان ٻارڙي سان گڏ مون وٽ خوش ھئي، گهر واري پنج مهينن جي ڳورهاري هئي طبيعت خراب ٿيڻ ڪري ڪاڇي مان جوهي علاج لاء پهتاسين، ڪاڇي جي بس اسٽاپ تي گهر واري کي ويهاري سامان وٺڻ لاء بازار نڪري ويس تي واپس اچڻ سان گهر واري سندس ٻارڙي اسٽاپ تي نه هئي، ناري جي وارثن کي اطلاع ڪيو ۽ ٿاڻي تي جوهي پوليس کي اطلاع ڪيو، اڄ خبر پئي ته گهر واري زاهدان جو لاش مليو.