ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪيءَ مان ٻه ڏينهن اڳ پراسرار نموني لاپتا ٿيل شخص ڊرامائي انداز ۾ پاڻ کي زنجيرن ۾ جڪڙي واپس پهچي ويو، مخالفن مٿان ڪيس داخل ڪرائڻ جي مبينا ڪوشش ناڪام ٿي وئي، پوليس لاپتا ڄاڻايل شخص مٿان ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ڇڏيا، لاڪ اپ حوالي. خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ ڳوٺ محراب سميجو واسي غلام حسين هٿوڙو سميجو پراسرار طور لاپتا ٿي ويو هو، وارثن اغوا جو شڪ ظاهر ڪيو هو. پوليس کي ڳولا دوران ڄاڻايل شخص زنجيرن سان ٻڌل حالت ۾ روڊ تان هٿ اچي ويو. پڇاڳاڇا دوران هن جميل شاهه ۽ عطاءُ الله ڀٽي جا نالا کڻي چيو ته انهن مون کي اغوا ڪيو، بعد روڊ تي اڇلايو آھي. اهڙي بيان بعد جوابدار کي پوليس لاڪ اپ ڪيو ته هن اعتراف ڪندي ٻڌايو ته جميل شاهه سان جهيڙو هلندڙ آھي، ان ڪري اهڙو ڊرامو رچايو. اهڙي اعترافي بيان بعد ڏهرڪي پوليس عطاءُ الله ڀٽي ۽ سرڪار جي فرياد تي ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. پوليس جو چوڻ آھي ته جوابدار هن کان اڳ به اهڙي قسم جا ڊراما ڪري مخالفن کي ڦاسائيندو رهيو آهي.