جوهي جي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو دادو ۾ مظاهرو

0
147

جوھي (ن پ ا) جوهي جي شاخن ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آبادگارن جو دادو ۾ مظاهرو، جوهي واسي آبادگارن جي آبپاشي عملدارن خلاف نعريبازي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته جوهي برانچ کي دڪا هڻي پهوڙ، چنجاڻي، لاکا، ڇني ۽ نوناري مائنر جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي،  عدالتي حڪمن باوجود جوهي شاخ تي پاڻي جي چوري بند ناهي ٿي، پاڻي چوري بند ۽ پڇڙي تائين پاڻي نه پهچڻ جي صورت ۾ چونڊيل نمائندن جي گهرن جي گهيراءُ جو چتاءُ ڏنو ويو.