ڀٽ شاھ  (ن پ ا) پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جو اڳواڻ ذوالفقار علي جونيئر ڀٽ شاھ  پھچي ويو. هن درگاهه ڀٽائي تي پھچي شاھ لطيف جي مزار تي چادر چاڙھي دعا گھري. ان موقعي تي پانڌيئڙن ۽ شھرين ذوالفقار جونيئر سان ملاقات ڪئي. ذوالفقار جونيئر درگاھ تي شاھ جو راڳ به ٻڌو زائرين ۽ شھري ذوالفقار جونيئر کي گلن جا ھار پارائي سيلفيون ڪڍندا رھيا جڏھن ته شھيد ڀٽو ڀٽ شاھ جي اڳواڻ خليل احمد راجپوت ذوالفقار جونيئر جي آجيان ڪندي اجرڪ جو تحفو پيش ڪيو ۽ ذوالفقارعلي جونيئر درگاھ حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي تي حاضري بعد واپس روانو ٿي ويو.