شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج وٽان مين ٿرڪول روڊ تي الگ الگ ڌرڻا ڇوٿين ڏينهن به جاري رهيا، ڌرڻن سبب ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري مسافر سخت پريشاني کي منهن ڏيندا رهيا. ٿرڪول روڊ تي جهڏو ملڪاڻي پنگريو خليفو قاسم نئون ڪوٽ جي سوين ماڻهن جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ظفر ڪنبوه نديم گجر ارشد چانڊيو قربان کوسو مير محمد ٽالپر ۽ ٻين چيو ته زيرو پوائنٽ آر ڊي 211 وٽان قدرتي لنگهن تي بااثر وڏيرن جا ماڻهو قبضا ڪريو ويٺا آهن جتان پاڻي کي رستو نٿو ڏنو وڃي، جيڪو ڪٽ ذريعي پاڻي نڪري شڪور ڍنڍ ۾ ڪري ته مٿان واري علائقن مان پاڻي نيڪال ٿي وڃي ۽ اسين پنهنجي اجهن ۾ زندگي گذاريون. هنن چيو ته ڍورو پراڻ ان ڪري ٺاهي وئي هئي ته ايل بي او ڊي ۾ جڏهن پاڻي چاڙھ ڪندو ته ان کي ان ذريعي پاڻي ڪڍي تباهي کان بچايو ويندو پر هتي بااثر وڏيرن قبضا ڪري فصل پوکي ڇڏيا آهن. انتظاميا سمجهي ٿي اسان ٿڪجي اٿي وينداسين هنن چيو ته اهيا انتظاميا جي غلط فهمي آهي اسان زيرو پوائنٽ آر ڊي 211 وٽان قدرتي لنگھ بحالي کانسواءِ ڪڏهن به احتجاج ختم نه ڪنداسين. ٻي پاسي مقامي ماڻهن جو ڌرڻو به ڪجهه فاصلي تي ڇوٿين ڏينهن کان جاري رهيو، عزيز ڏيرو مهر جمالي ممتاز لنڊ لياقت جتوئي ۽ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ٻاهر جا ماڻهو اچي اسان کي ٻوڙڻ چاهين ٿا جيڪي پاڻ ٻڏي ويا وري هتي هٿرادو ڪٽ هڻائي سوين ڳوٺ شهر ٻوڙڻ لاءِ احتجاج پيا ڪن هنن چيو ته انتظاميا چونڊيل نمائندا جلد نوٽيس وٺن ڳالهيون ڪرائي رستا کولرائن مسافر ڏاڍا پريشان آهن. ٻئي پاسي ڌرڻن سبب چار ڏينهن کان ڦاٿل ٽينڪر ڊرائيورن به احتجاج ڪيو. هنن چيو ته اسان ڪهڙو ڏوه ڪيو آهي چار ڏينهن کان هتي ڦاٿل آهيون ڪروڙين روپين جو تيل آهي اسان جي گاڏين ۾ جيڪو خراب ٿي رهيو آهي هنن چيو ته کاڌي پيتي لاءِ پئسا ختم ٿي ويا آهن حڪومت نالي ڪا شئي ناهي چار ڏينهن کان وڏي پريشاني ۾ آهيون ٻئي پاسي امڪان آهن ته اڄ ڌرڻي ۾ آپياسي وزير ڄام خان شورو ڌرڻي ۾ رات جي ڪنهن به وقت پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪندو.