اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سڌ سماءَ  جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمران خان جي تقرير تي رد عمل ڏيندي عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته فارين فنڊيڊ فتنا! وزير اعظم هن وقت شهباز شريف آھي، اوهان آرمي چيف کي پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ تاحيات ايڪيٽينشن جي آفر ڪئي هئي، هن چيو ته فارين فنڊيڊ فتني عمران خان اڄ مڃي ورتو ته کيس تڪليف صرف آرمي چيف لڳائڻ جي آهي، جوتا پالش ڪرڻ واري پالش جي ڪارنهن هن جي منهن تي صاف نظر اچي رهي آهي، هن چيو ته شهباز شريف جيڪڏهن چور هو ته  عدالتن ۾ ثبوت ڇو نه ڏنا ويا؟ رانا ثناءُ الله قاتل هو ته هيروئن جي ڪيس ۾ کيس ڇو گرفتار ڪيو ويو؟ نواز شريف کي توهان جي حڪومت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني هئي، مريم اورنگزيب چيو ته خوني مارچ هلندو پيو وڃي ۽  معصوم جانيون ضايع ٿينديون وڃن.