اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چين جي دوري بعد وزيراعظم شهباز شريف مصر جو دورو ڪندو، سفارتي ذريعن مطابق وزيراعظم شهباز شريف 6 نومبر تي مصر روانو ٿيندو،  وزيراعظم شهباز شريف کي مصر جي دوري جي دعوت مصري صدر عبدالفتح السيسي ڏني آھي، مصر جي دوري دوران وزيراعظم اقوام متحده جي موسمي  تبديلين بابت مصري شهر شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، ڪانفرنس 6 کان 18 نومبر تائين جاري رهندي، 90 ملڪن جا سربراهه ۽ وفد شرڪت ڪندا، پاڪستان ڪانفرنس جي گڏيل صدارت يعني  ڪو چيئرمين طور شرڪت ڪري رهيو آهي.