اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله چيو آهي ته اسان کي تنقيد جو خوف نه آهي، تنقيد اسان تي اثرانداز ٿي نه ٿي سگهي، تنقيد سان ججن جي اصلاح ٿيندي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته 70 سالن کان جاري نظام کي جادوءَ جي ڇڙي سان تبديل نه ٿو ڪري سگهجي، سياستدان نظام جي تبديليءَ ۾ ساٿ ڏين، چيف جسٽس چيو ته جيستائين عوام کي سستو ۽ تڪڙو انصاف نه ٿو ملي، تيستائين عدليه بي معنيٰ آهي، انصاف جو وجود سائل سان آهي، سياسي اڳواڻن کي به انصاف لاءِ واجهائيندڙن جي مدد ڪرڻ گهرجي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته سستو ۽ تڪڙو انصاف نه ملندو ته عمارتون ڪا به اهميت نٿيون رکن، اسان جو وجود ئي فريادي لاءِ آهي، ڇا اسان تي فريادي جو اهڙو اعماد آهي جيڪو هجڻ گهرجي؟ اسان تي فريادي جو اعتماد اهڙي نموني ناهي جيئن هئڻ گهرجي، سياسي قائد به فريادي جي اعتماد کي بحال ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، اسان کي سائلين جو اعتماد کي بحال ڪرڻو آهي اهو ئي اسان جو مقصد آهي، اميد ڪيان ٿو ته رياست شهرين لاءِ سستو انصاف وارو واعدو پورو ڪندي، عدليه ڪيئي چئلينجز کي منهن ڏئي رهي آهي.