جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ ٻوڏ متاثرن جا واهر نه ٿيڻ خلاف مين روڊ تي ٻن هنڌن تي ڌار ڌار ڌرڻا، ٽريفڪ معطل، خبر موجب ٻوڏ متاثر عورتن ۽ مردن امداد نه ملڻ خلاف اي سي آفيس ويجهو مين روڊ تي رڪاوٽون وجهي هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو، ٻئي طرف متاثرن نبي سر موڙ وٽ مين مٺي ميرپورخاص روڊ تي ڌرڻو هڻي اڌ ڪلاڪ تائين روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي هنن چيو ته روزانو اي سي آفيس جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر سرڪاري امداد رڳو من پسند ماڻهن کي فراهم ڪئي پئي وڃي، هنن چيو ته حقيقي متاثرن کي انتظاميا نظرانداز ڪري رهي آهي، جنهن ڪري اهي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، هنن چيو ته ٻوڏ سبب گهر ڊهي پيا ۽ چوپايو مال مري ويو، جڏهن ته فصل پڻ تباهه ٿي ويا آهن، جنهن ڪري روڊن تي ويٺا آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي وڃي، بعد ۾ ڊي ايس پي جهڏو پهچي متاثرن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي ٽريفڪ بحال ڪرائي.