سيوھڻ(ن پ ا) سيوهڻ بينظير ٽائون سيوھڻ جي ريليف ڪئمپ ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثرن جو راشن ۽ ماني نه ملڻ خلاف اي سي آفيس آڏو پھچي احتجاجي مظاهرو ڪري تنبو کي باھ ڏئي ڌرڻو ھڻي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي  ڪئي. ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي ڪانڊيرو گائينچو, وليداد ٽالپر, امير مختيار, سيفل کوسو ۽ ٻين چيو ته انتظاميا چوٿنڀي تي ٽينٽ سٽي قائم ڪرڻ بعد ٻوڏ متاثرين کي وساري ڇڏيو آھي رات ڏينھن چانور کارائي اسان کي بيمار ڪري ڇڏيو آھي راشن به من پسند ماڻھن کي ڏنو پيو وڃي. ھنن چتاء ڏنو ته اسان کي راشن ڏنو ۽ رات جو ھڪ ويلو ماني ڏني وڃي ٻي صورت احتجاج جاري رکيو ويندو. ھوڏانھن مختيار ڪار سيوھڻ احتجاج واري ھنڌ پھچي مظاھرين کان مھلت گھري ۽ احتجاج ڪندڙن کي مسئلو سڀاڻي تائين حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.