نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهرو فيروز ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 16 سميت مختلف ڳوٺن خان محمد ڏاھري، علي نواز چانڊيو، ڌڱاڻو چانڊيو، محبت خان، سائين رکيو چانڊيو جي برسات متاثرن برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرائڻ خلاف احتجاج ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن سونو چانڊيو، احسان علي، امانت علي، بخت علي، خدا بخش، اڪبر چانڊيو ۽ ٻين چيو ته سندن ڳوٺن ۾ اڃا تائين گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي، جنھن ڪري زندگي مفلوج بڻيل آهي، جڏهن ته پاڻي ڪڍرائڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي، هنن چيو ته ڳوٺن جا رستا ٻڏل هجڻ سبب مريضن کي اسپتال تائين پهچائڻ به ڏکيو بڻجي ويو آهي، هنن علائقي مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو،