ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ ڇتو ماڇي جي رهواسين بااثرن ۽ ڪمالديرو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي عظيم سولنگي، اشرف سولنگي، ولي محمد ڪليار دانهيندي چيو ته برادري جي بااثرن اسان جي زمين تي قبضو ڪيو آهي، جن زمين تي هٿياربند ويهاري ڇڏيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.