جهوڪ شريف(ن پ ا)جهوڪ شريف ويجهو پوليس نوجوان کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو. ڳوٺاڻن 2 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب جهوڪ شريف جي ڳوٺ الهڏنو ٻاگهل جي رهواسين نواز ٻاگهل، ستار، بشير ٻاگهل ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هڻي سجاول- ٽنڊو محمد خان روڊ ٻن ڪلاڪن تائين بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري ٻنهي پاسن کان گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ان موقعي تي مظاهرين جو چوڻ هو ته گذريل رات سول ڪپڙا پهريل نامعلوم اهلڪار گهر ۾ گهڙي نوجوان معشوق ٻاگهل کي سخت مارڪٽ ڪري کنڀي کڻي ويا. هنن چيو ته جيڪڏهن نوجوان تي ڪو ڪيس آهي ته کيس ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ٻن ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي ميرپوربٺورو ۽ ايس ايچ او جهوڪ شريف موقعي تي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو.