فريدآباد (ن پ ا) ڪاڇي واسي کنڀي گُم ڪيل ظفر چانڊيو ۽ رياض خاصخيلي جي آزاديءَ لاءِ وارثن کي احتجاج ڪندي 4 مھينا ٿي ويا آهن، پرسندن پيارن جو ڪوبه ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. حاجي خان خاصخيلي، ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو، ۽ ٻين بُک هڙتال جاري رکندي چيو ته اسان جي نوجوانن کي 12 مهينن کان بيگناھ کنڀي گُم ڪيو ويو آهي جن جي آزاديءَ لاءِ اسين وارث لاڳيتو سراپا احتجاج بڻيل آهيون اسان جي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس نٿو ورتو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته اسان جو نوجوان رياض ۽ ظفر چانڊيو بيگناھ آهن تنهن باوجود به اگر هنن تي ڪي به ڪيس وغيرھ آهن ته انهن کي ڪورٽن سڳورين ۾ پيش ڪري ظاهر ڪري اسان سان ملائي اسان وارثن جي بيچيني ختم ڪئي وڃي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف آف آرمي، چيف جسٽس آف سنڌ، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين اعلي’ اختيارن کي اپيل ڪئي اسان جي بيگُناھ کنڀي گُم ڪيل رياض خاصخيلي ۽ ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ نوجوانن جي آزاديءَ تائين پُر امُن تحريڪ جاري رهندي.