پنگريو (ن پ ا) پنگريو ڀرسان ڳوٺ پنھون کوسو ۾ بي رحم مامي ۽ سندس پٽن حملو ڪري 4 سالن جي معصوم ڀاڻيجيءَ جي ٻانھن ڀڃي ڇڏي. معصوم نينگريءَ جي پيءُ امان الله کوسي پنهنجي زخمي ٿيل نياڻي پريس ڪلب اڳيان کڻي احتجاجي مظاھرو ڪندي دانهيو ته نينگريءَ جي مامي ڦوٽي کوسي ۽ سندس پٽن گھر ۾ گھڙي حملو ڪيو ته معصوم نياڻي بابا بابا ڪندي ڊوڙي آئي ته کيس به ڌڪ هنيا ويا، جنهن سبب ٻارڙيءَ جي ٻانهن ڀڄي پئي آھي. ھن وڌيڪ الزام هنيو ته پنگريو پوليس نياڻيءَ جي علاج خاطر ليٽر ڏيڻ لاءِ تيار نه آھي. ھن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري معصوم نينگريءَ جو علاج ڪرايو وڃي.