عمرڪوٽ (رپورٽر) سول اسپتال عمرڪوٽ کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ٽرانسفارمر سڙي ويو، ٽرانسفارمر سڙي وڃڻ سبب سول اسپتال عمرڪوٽ جي وارڊن ۾ داخل معصوم ٻارڙا توڙي وڏا مريض سخت گرمي سبب ۾ بي حال ٿي ويا. ان سلسلي ۾ سول اسپتال عمرڪوٽ کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ٽرانسفارمر سڙي ويو جنهن سبب مريض توڙي سول اسپتال جو عملو گرميءَ سبب پريشاني کي منهن ڏيڻ لڳو آهي. جڏهن ته بجلي نه هجڻ ۽ سخت گرمي سبب اسپتال ۾ مريض سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، روزيدارن توڙي مريضن حيسڪو چيف کي اپيل ڪئي آهي ته سول اسپتال عمرڪوٽ جي سڙيل ٽرانسفارمر کي فوري طور ٺهرائي ڏنو وڃي. سول اسپتال جي ايم ايس اعظم کوسو ٻڌايو ته سول اسپتال ۾ سخت گرمي ۽ وارڊن ۾ داخل مريض ۽ ڊاڪٽر عملو پريشاني جو شڪار آهي بار بار واپڊا عملي کي شڪايتون ڪرڻ باوجود مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي، گذريل هڪ هفتي کانپوءِ سڙيل ٽرانسفارمر ٺهيو وري هڪ ڏينهن بعد ٻيهر سڙي ويو آهي 24 ڪلاڪ جرنيٽر نٿا هلائي سگهون، گرمي سبب مريض پريشان آهن.