جھول (رپورٽ: ممتاز شر) جهول ۽ ڀرپاسي چوپائي مال ۾ ڪاري واءُ جي بيماري، سوين ڍور مري ويا، مالوندن جا وٿاڻ خالي، لائيو اسٽاڪ کاتي جا عملدار غائب، خبر موجب ضلعي سانگهڙ جي مختلف علائقن  ۾ چوپائي مال اندر ڪارو واءَ جي بيماري ڦهلجي وئي آهي، جنهن ۾ مالوندن جا ڪيترائي ڍور مري ويا آهن، ان ڏس ۾ مالوندن جي مليل معلومات موجب 2000 کان وڌيڪ چوپايو مال ڪاري واءَ سبب مري ويو آهي، جنهن ۾ وڏو تعداد مينهن جو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته سانگهڙ، موري، جھول، ڪرڪلي، ورڪشاپ، راوتياڻي، رڪن ٻرڙا، شهدادپور ۽ ٽنڊو آدم جي مختلف علائقن ۾ بيماري تيزي سان ڦهلجي وئي آهي، جھول لڳ ڳوٺ گل حسن سريوال ۾ وڏي تعداد ۾ چوپايو مال مري چڪو آهي پر لائيو اسٽاڪ کاتي هن وقت تائين ڪو به نوٽيس ناهي ورتو، ڀاڳين محبت شر، جاويد مري ۽ ٻين پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته بيماري سبب مال مرڻ جي نتيجي ۾ سندن ڪروڙن جو نقصان ٿيو آهي، جلد ويڪسين نه ڪرائي وئي ته وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو، هنن ڊاڪٽرن جو ٽيمون اماڻڻ جو مطالبو ڪيو.