ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي چڙيا گهر ۾ مري ويل ناياب گولڊن ٽائيگر کي آخري 10  ڏينهن دوران مڪمل خوراڪ نه ڏيڻ جو انڪشاف، جاچ ڪاميٽي چڙيا گھر جي ڊائريڪٽر خالد هاشمي کي اڄ طلب ڪري ورتو، واضح رهي ته ڪراچي چڙيا گهر ۾ ناياب نسل جو ٽائيگر انتظاميه جي نااهلي ۽  مڪمل کاڌ خوراڪ نه ملڻ ڪري مري ويو هو، 2 مهينا اڳ اڇي رنگ جو ناياب چيتو به انتظامي نااهلي سبب مري ويو هو، جڏهن ته 3 هفتن کان بيمار هڪ هاٿي جي حياتي پڻ خطري ۾ آهي