جھول (ن پ ا) جهول ويجهو سون جي ڳولا لاءِ نڪتل نوجوان زندگي وڃائي ويٺو، خبر موجب ڳوٺ  ڄراري جو رھواسي نوجوان سبحان حاجاڻو دوستن سان گڏ برسات کانپوءِ قديم آثارن المنصوره مان سون جي ڳولا لاءِ گهران نڪتو، جيڪو سم نالو ڪراس ڪندي ٻڏي فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش ٽوٻن 3 ڪلاڪن جي ڪوششن بعد هٿ ڪري سم نالي مان ڪڍي ورتو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو پر وارثن ڪنهن به ڪارروائي کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد وارث بنا ڪاروائي جي لاش ڳوٺ کڻاڻي ويا، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو،