لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ماربل گدام جي ڇت ڪرڻ جي نتيجي ۾ پورهيت دٻجي فوت ٿي ويو، ان ڏس ۾ شهر جي نئون ديرو روڊ ڀرسان نادرا آفيس وٽ تازو پيل برساتن سبب ماربل گودام جي ڇت ڌماڪي سان ڪِري پئي، نتيجي ۾  2 ٻارن جو پورهيت پيءُ 28 ورهين جو ناهيد هاليپوٽو دٻجي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارث چانڊڪا اسپتال کڻي آيا، جتي ڊاڪٽرن پاران پورهيت جي موت جي تصديق ڪئي وئي.