ٺٽو (رپورٽر) جهمپير لڳ ماسٽر ونڊ انرجي ڪمپني جي ملازمن پاران پگهارن ۾ اضافو نه ڪرڻ، بونس توڙي الائونسز نه ڏيڻ سميت ڪمپني جي ايڊمن جي زيادتين خلاف مقامي سيڪورٽي ملازمن ڪمپني جي مک گيٽ آڏو محمد خان بروهي، قادر بروهي، مامن چانگ، غازي خان بروهي، نواز چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي. جڏهن ته ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته کين پگھارون تمام گھٽ ڏنيون ٿيون وڃن، جنھن مان سندن گھر جي چلھ بہ نٿي ٻري، ان کان سواءِ کين بونس سميت ڪا به مراعت نٿي ملي، ويتر ڪمپني جو ايڊمن بلاجواز کين تنگ ڪري سندن جيئڻ جنجال بنائي ڇڏيو آھي، پنھنجا حق گھرڻ لاءِ آواز اٿارڻ تي کين بيروزگار ڪيو ٿو وڃي.