ڏيئي (ن پ ا) تعلقي ٽنڊي باگي جي يوسي ڏيئي جي ڳوٺ ميڻان ۾ اڌ صدي کان مٿي پراڻي پرائمري اسڪول ميڻان جي عمارت 2011 جي برساتن ۾ زبون حال ٿيڻ کانپوءِ گذريل 12 سالن کان ڊهي پٽ پئجي وئي آهي جنهن جي تعمير لاءِ ڳوٺاڻن ۽ ٻارڙن بار بار احتجاج ڪيا آهن  پر ڪير به نوٽيس نٿو وٺي ٻارڙن وڌيڪ چيو ته گذريل  12 سالن کان اسين  برسات توڙي سردي ۾ کلئي آسمان تعليم پرائڻ تي مجبور آهيون جنهن جي ٺهرائڻ لاءِ مسلسل احتجاج ڪندا رهيا آهيون ۽ ڪيتريون ئي وسوارن کي درخواستون ڏنيون آهن ۽ 4 مهينا اڳ ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو هو ته ڊي سي بدين پنهنجي ٽيم اي سي ٽنڊو باگو ثناءُالله صدر ۽ ڊي اي او بدين صالح ڪوريجو کي موڪلي عمارت جلد ٺهرائي ڏيڻ جي واعدي بعد بائيڪاٽ ختم ڪيو ويو هو  پر ان کانپوءِ تازو ٿيل ٽينڊر ۾ اسان جي اسڪول جو نالو شامل ناهي جنهن مان ثابت ٿيو ته اسان جي اسڪول کي سياسي رساڪشي سبب نظر انداز ڪيو ويو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته 180 کان وڌيڪ ٻارڙا گذريل 12 سالن کان کلئي آسمان تعليم پرائي رهيا آهن. هنن وس وارن کان اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسڪول جي عمارت تعمير ڪرائي ڏني وڃي.