نئين دهلي (م ڊ) روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ هلندڙ سال جي شروعات کان جنگ هلي رهي آهي پر ٻنهي ملڪن جا ڪجهه شهري اهڙا به آهن جيڪي محبت کي هٿي ڏئي رهيا آهن. روس ۽ يوڪرين جي هڪ نوجوان ۽ ناري هڪ ٻئي سان شادي ڪري پنهنجي سچي محبت جو ثبوت ڏئي ڇڏيو آهي. روسي ڄائي اسرائيلي شهري سرجي نووڪوف پنهنجي يوڪرين جي محبوبا ايلونا براموڪا سان شادي ڪئي آهي، اها شادي ڀارت ۾ ٿي آهي. ٻن ورهين کان هڪ ٻئي جي محبت ۾ گرفتار جوڙي هماچل پرديش جي جبلن ۾ هندو رسمن موجب شادي ڪئي. شادي جي تقريب ۾ گهوٽ ۽ ڪنوار جي دوستن ۽ مائٽن شرڪت ڪئي.