سکر (رپورٽ: ممتاز بخاري/فاروق سومرو) سنڌوءَ درياءَ جي پاڻي وھڪرن ۾ اضافي کان پوءِ سکر جي ڪچي واري علائقي سعيد آباد ۾ ڪيترائي ڳوٺ ۽ سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل پاڻيءَ  هيٺ اچي ويا، محفوظ علائقن ڏانھن لڏپلاڻ تيز ٿي وئي، ٻيڙيون نه ھجڻ سبب علائقي واسي پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻي جهاڳي نڪرڻ تي مجبور، انتظاميا کي واھر جي اپيل. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سنڌوءَ درياءَ ۾ گڊوءَ کان سکر بئراج تائين پاڻي وھڪرن ۾ اضافي بعد سکر بئراج ڀرسان سعيد آباد واري علائقي ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، نتيجي ۾ ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ اچي ويا آھن. جڏھن ته هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصلن ۾ پڻ پاڻي بيھجي ويو آھي، جنھن ڪري مقامي ڳوٺاڻا محفوظ علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرن تي مجبور ٿي ويا آھن. انتظاميا پاران ٻيڙيون نه ملڻ سبب ڳوٺاڻن ڇوھارن جون ٻوريون ۽ ٻيو ضروري سامان ڇوھارا پچائڻ واري تئيءُ ذريعي ڪڍي پڪي طرف اچڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن. اِن ڏس ۾ متاثرن شير محمد، صاحب خان، صحبت جتوئي، ڀورل ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو ته درياءَ ۾ چاڙهه ۽ ڪچي واري علائقي ۾ پاڻيءَ جي اٿل سبب گھرن توڙي فصلن کي شديد نقصان پھتو آھي. ھنن چيو ته لاڳاپيل اختيارين، پ پ جي چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميا وٽ بار بار دانهڻ باوجود ڪابه واهر نٿي ڪئي وڃي. ھنن سنڌ حڪومت، ڪمشنر ۽ ڊي سي سکر کان مطالبو ڪيو ته علائقي واسي کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ سندن مدد ۽ ٿيل نقصان جو فوري طور ازالو ڪيو وڃي. ھوڏانھن سکر بئراج ڪنٽرول روم جي انچارج عبدالعزيز سومرو مطابق سنڌوءَ درياءَ ۾ گڊو بئراج وٽ پاڻيءَ جو مٿاھون وھڪرو 4 لک 16 ھزار 954 ڪيوسڪ، جڏھن ته ھيٺاھون وھڪرو 3 لک 86 ھزار 589 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ساڳي طرح سکر بئراج وٽ مٿاھون وھڪرو 3 لک 55 ھزار 710 ۽ ھيٺاھون وھڪرو 3 لک 16 ھزار 250 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي. ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿاھون وھڪرو ھڪ لک 88 ھزار 55 ۽ ھيٺاھون وھڪرو ھڪ لک 17 ھزار 550 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آھي.