غزه (م ڊ) اسرائيلي جهازن جي غزا تي وحشياڻي بمباري ٻئي ڏينهن به جاري رهي، شهيدن جو انگ 15 ٿي ويو، معصوم ٻارڙن سميت 75 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. اسلامڪ جهاد ۽ حماس به جوابي حملا ڪيا آهن. مليل اطلاعن موجب اسرائيل جي فورسز ڪالهه ٻئي ڏينهن به فلسطين تي حملا جاري رکيا جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي گهرو عمارتون تباهه ٿي ويون. شهر جي گرڊ اسٽيشن کي به بند ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري شهر کي بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي. حملن ۾ 15 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن ۽ 75 کان وڌيڪ زخمي آهن. زخمين ۾ ٻن ٽن مهينن جا معصوم ٻارڙا به شامل آهن. جڏهن ته هڪ موذن عماد شلاح به مسجد ويندي شهيد ٿي ويو. پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي وزيراعظم يائرليپڊ چيو ته حملي ۾ اسلامڪ جهاد جي ڪمانڊر تيسيري الجبري کي نشانو بڻايو ويو. ٻئي پاسي اسلامڪ جهاد طرفان اسرائيلي حملي تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو آهي. اسلامڪ جهاد اسرائيلي هوائي حملي کي ويڙهه جو اعلان قرار ڏنو آهي ۽ جوابي ڪارروائي ۾ اسرائيل تي هڪ سئو کان وڌيڪ راڪيٽ فائر ڪيا ويا آهن. جن ۾ 21 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي اسرائيل تصديق ڪئي آهي. حماس پڻ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل فلسطين تي هوائي حملو ڪري نئون ڏوهه ڪيو آهي، جنهن جي ان کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هوڏانهن آمريڪا حملا بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف تل ابيب ۾ به هوائي حملي جا سائرن وڄايا ويا آهن.