جمال شاهه (ن پ ا) جمال شاهه ڀرسان بجلي جي تارن مان چڻنگ اٿڻ سبب 2 ڳوٺاڻن جا گهر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا، 5 ٻڪريون به سڙي مري ويون. متاثرن پاران وس وارن کان واهر جي اپيل ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ جمال شاهه ڀرسان ڳوٺ شير خان وٽو ۾ بجلي جي تارن مان چڻنگ اٿڻ سبب ٻن ڳوٺاڻن منير وٽو ۽ محمد بخش وٽو جا گھر الهه تلهه سميت سڙي رک ٿي ويا. جڏهن ته 5 ٻڪريون به سڙي مري ويون. باهه متاثرن چيو ته اسان مسڪين پورهيت آهيون اسان جي گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ٿي ويو، هنن مطالبو ڪيو ته سندن واهر ڪئي وڃي.