خيرپور (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر خيرپور/ چيئرمين اوورسائيٽ ڪاميٽي راجا طارق چانڊيو جي صدارت ۾ اوور سائيٽ ڪميٽي جو اجلاس ڊي سي آفيس جي درٻار هال ۾ منعقد ڪيو ويو جتي ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ پاران تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.ان موقعي تي ڊي سي خيرپور راجا طارق چانڊيو چيو ته پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ ڊرينيج متعلق شڪايتون ملي رهيون آهن ۽ پاڻيءَ جي خراب هجڻ جي ڪري هيپاٽائيٽس سميت مختلف بيمارين جي ڦهلجڻ جو پڻ خطرو آهي عوامي شڪايتن کي فوري طور تي ختم ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. هن ايڪسيئن پبلڪ هيلٿ کي هدايت ڪندي چيو ته 3 ڏينهن اندر سمورين ڊسپوزل اسٽيشنن کي فنڪشنل بڻايو وڃي ۽ برساتن کان پهريان سڀ اسٽيشنون فعال هئڻ گھرجن ۽ ڊي واٽرنگ پمپن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي، ڊپٽي ڪمشنر خيرپور لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪندي چيو ته ڊي سلٽنگ ۽ صفائي سميت پبلڪ هيلٿ جي ڪيل ڪم جو مڪمل جائزو وٺي رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور راجا طارق چانڊيو چيو ته فنڊنگ هئڻ جي باوجود ڪم سرانجام نه ڏيڻ آفيسر جي نااهلي آهي.