ٽنڊو آدم (ن پ ا) سول جج فرحاز احمد ميمڻ جي عدالت جعلي دستاويز داخل ڪرڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي جوابدار ايوب راجپوت کي 2 سال قيد ۽ 15 هزار ڏنڊ، جڏهن ته سندس  وڪيل رانا عمران راجپوت  کي هڪ سال قيد ۽ 5 هزار ڏنڊ جي سزا جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي،  واضح رهي ته جوابدار ۽ سندس  وڪيل پاران  عدالت ۾ هلندڙ ملڪيت جي ڪيس ۾ ڪوڙا دستاويز جمع ڪرايا هئا، جنهن تي سينيئر جج جي ريڊر پاران جعلي دستاويز داخل ڪرائڻ جو ڪيس سول جج جي عدالت ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جنهن جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ٻنهي ڄڻن کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. جنهن بعد پوليس عدالتي احاطي مان ٻنهي کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڊسٽرڪٽ جيل سانگهڙ موڪليو ويو.