حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ڀرسان اڪرم واھ مان نوجوان جو لاش ھٿ  آيو آهي. اطلاع تي هوسڙي ٿاڻي جي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ۽ سڃاڻپ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ڳوٺ قادر بخش سولنگي وٽ لاش واھ ۾ لڙھندو ڏسي کين ڳوٺاڻن اطلاع ڏنو ۽ اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي انهن فوتي جو لاش واھ مان ڪڍرائي تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب هٿ آيل لاش 24 سالن جي نوجوان جو لڳي رهيو آهي پر سندس سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي جنهن ڪري فنگر پرنٽس ڪرائڻ بعد اهو لاش مرده خاني ۾ امانت طور رکرايو ويو آهي.