جشن آزادي:اسٽيٽ بئنڪ 75 رپين وارو يادگاري نوٽ جاري ڪري ڇڏيو

0
440

ڪراچي: جشن آزادي ڏھاڙي جي موقعي تي اسٽيٽ بئنڪ 75 رپين وارو يادگاري نوٽ جاري ڪري ڇڏيو، اسٽيٽ بئنڪ ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي 75 رپين وارو يادگاري نوٽ جاري ڪري ڇڏيو

يادگاري نوٽ تي قائداعظم محمد علي جناح،علامه اقبال،سر سيد احمد خان ۽ فاطمه جناح جون تصويرون شامل آھن

اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آھي تھ يادگاري نوٽ تي تصويرون تحريڪ پاڪستان جي ڪوششن جي اعتراف ۾ جاري ڪيون ويون، نوٽ جي پٺيان مارخور جي تصوير پائيدار ماحول تي ڌيان جي عڪاسي ڪندڙ آهي

 

ھي به پڙھندا

عمران خان اقتدار جي محبت ۾ ملڪ جي محبت وساري ڇڏي آهي: وڏو وزير

ملڪ ۾ 75 هون جشن آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي