اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ الزام هنيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف آمريڪا ۾ جنهن لابنگ فرم جون خدمتون ورتيون، اها پاڪستان جي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي مخالف آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مصدق ملڪ چيو ته عمران خان چاهي ٿو سڀ ادارا ان جي تابع هجن، عمران خان چوري ناهي ڪئي ته تلاشي کان ڇو گهٻرائي رهيو آهي؟ هن چيو عمران خان ٻڌائي ته هن اهڙو لابسٽ ڇو ورتو، جيڪو چئي ٿو ته پاڪستان جي نيوڪليئر ٽيڪنالاجي ختم ٿئي؟ پي ٽي آءِ اهڙي شخص جي ڪمپني جون خدمتون ڇو وٺي رهي آهي، جيڪو پاڪستان جي ايٽمي اثاثن جي خلاف آهي، ٻڌايو هاڻ غدار ڪير آهي؟