ملڪ ۾ 75 هون جشن آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

0
222
ملڪ ۾ 75 هون جشن

ڪراچي: ملڪ ۾ 75 هون جشن آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ڏينهن جي شروعات توبن جي سلامي سان ڪئي وئي

 فجر جي نماز وقت ملڪ جي خوشحالي، امن ۽ ڀائيچاري لاءِ خاص دعائون گهريون ويون،  قائد اعظم ۽ علامه اقبال جي مزارن تي گارڊن جي تبديلي جون تقريبون

ملڪ جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي پاڪستان نيول اڪيڊمي جي ڪيڊٽس گارڊز جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آھن

ان کان اڳ رات جو دير سان مختلف شھرن ۾ آتشبازي ڪئي وئي،  ملي نغمن ۽ ساين جھنڊين سان گڏ آزادي ڏھاڙي جي شروعات ڪئي وئي

ڪراچي، لاھور، اسلام آباد، فيصل آباد، ملتان، گوجرانوالا، حيدرآباد، ڪوئيٽا ۽ پشاور سوڌو مختلف شھرن ۾ آزادي ڏھاڙو شروع ٿيندي ئي آسمان تي رنگن جي برسات ھئي

نوجوان پاڪستان جو جھنڊو ۽ سايون جھنڊيون کڻي رستن تي نڪري آيا، شاھران، چوڪن کي چمڪندڙ بتين سان سجايوويو، سرڪاري عمارتن تي روشنيون ڪيون ويون

ھي به پڙھندا

جشن آزادي تي قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان

پاڪستان جا جهنڊا لاهڻ جي حرڪت برداشت ناهي: شرجيل انعام