عمران خان اقتدار جي محبت ۾ ملڪ جي محبت وساري ڇڏي آهي: وڏو وزير

0
248
عمران خان اقتدار جي

ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته عمران خان اقتدار جي محبت ۾ ملڪ جي محبت وساري ڇڏي آهي، خبر نه آهي ته پي ٽي آءِ وارا ڪنهن کان آزادي گهرن ٿا

مزار قائد تي حاضري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ڪالهه پي ٽي آءِ جي جلسي دوران پاڪستان جا جهنڊا لاٿا ويا، قومي جهنڊا لاهڻ جي مذمت ڪيون ٿا، عمران خان ڀلي ڪيڏيون به ڪوششون ڪري قوم کي گمراهه نه ڪري سگهندو

بلاول ڀٽو زرداري پاران جشن آزاديءَ جي موقعي تي قوم کي واڌايون

ٻئي پاسي بلاول ڀٽو زرداري پاران جشن آزاديءَ جي موقعي تي قوم کي واڌايون، پنهنجي پيغام ۾ بلاول چيو آهي ته پاڪستان کي جيڪي هيل اندروني ۽ پرڏيهي خطرا آهن اهڙا ماضيءَ ۾ ڪڏهن نه رهيا آهنبي اعتمادي رٿ رد: پ پ پاران

بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ ھو تھ پاڪستان کي مسئلن مان ڪڍڻ لاءِ پوري قوم کي متحد ٿيڻو پوندو، پيپلزپارٽي عوام سان محبت ڪري ٿي، عوام جي مسئلن کي حل ڪيو پيو وڃيآمريڪي نھ پر گجراتي خط سان شڪست ٿي

صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته قوم اڄ اهو عزم ڪري ته وطن خلاف سموريون سازشون ناڪام بڻائينداسين

نوجوانن کي اپيل آهي ته هو ڪنهن جي به ورغلائڻ تي گمراهه نه ٿين، پاڪستان ڪنهن جي جاگير نه پر 22 ڪروڙ عوام جو وطن آهي، پاڪ فوج کي سلام پيش ڪريون ٿا

ھي به پڙھندا

https://thetimenews.tv/%d8%ac%d8%b4%d9%86-%d8%a2%d8%b2%d8%a7%d8%af%d9%8a-%d8%aa%d9%8a-%d9%82%d9%8a%d8%af%d9%8a%d9%86-%d8%ac%d9%8a-%d8%b3%d8%b2%d8%a7-%db%be-%da%af%d9%87%d9%bd%d8%aa%d8%a7%d8%a6%d9%8a-%d8%ac%d9%88-%d8%a7/

ملڪ ۾ 75 هون جشن آزادي قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

ڪا به ڊيل نه ڪندس:عمران خان طرفان سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ جلسا ڪرڻ جو اعلان